مکيہ مواد ڏانھن وڃو
سنڌ پريس · ڪيٽيگوري

سياست

7شايع ٿيل خبرون
ديامر ڀاشا لاءِ 100 ارب ڏنا، پر اڃا تائين ڊيم ناهي ٺهي سگهيو: نواز شريف
3 – جون – 2026 – اربع • ايڊيٽر

ديامر ڀاشا لاءِ 100 ارب ڏنا، پر اڃا تائين ڊيم ناهي ٺهي سگهيو: نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ منصوبا شروع ته ٿين ٿا پر ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن، اسان کان سواءِ ڪنهن به جماعت هتي ڪم نه ڪيو آهي، هتان جي رستن جو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته ڪيترائي ڀيرا اسڪردو ۽ گلگت ويو هئس، مان جنهن گلگت کي سڃاڻان ٿو، اهو ڪٿي آهي؟ مان چاهيان ٿو ته گلگت ۾ تمام گهڻي ترقي ٿئي، گلگت ۾ رستن تي کڏا ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.

وڌيڪ پڙهو
28 هين ترميم لاءِ پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري ريفرنڊم ڪرائڻ غير آئيني هوندو
23 – مئي – 2026 – ڇنڇر • ايڊيٽر

28 هين ترميم لاءِ پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري ريفرنڊم ڪرائڻ غير آئيني هوندو

ملڪ ۾ 28هين آئيني ترميم لاءِ پارلياماني رستي ۾ تعطل کان پوءِ هڪ نئون آئيني ۽ سياسي بحث طلب مرحلو سامهون آيو آهي۔ رياستي طاقت جي ڪجهه مرڪزن پاران پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪندي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم جي متبادل رستي تي غور شروع ڪيو ويو آهي

وڌيڪ پڙهو
شاهراھ ڀُٽو جو افتتاح: سنڌ جيتري جمهوريت ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي: بلاول
23 – مئي – 2026 – ڇنڇر • ايڊيٽر

شاهراھ ڀُٽو جو افتتاح: سنڌ جيتري جمهوريت ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي: بلاول

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جيتري جمهوريت سنڌ ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي، ۽ جيتري جمهوريت ڪراچي ۾ آهي، اوتري ڪنهن ٻئي شهر ۾ ناهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته مان سياست ۾ ان لاءِ آيو آهيان ته شهيد بينظير ڀٽو جا اڌورا خواب پورا ڪريان، شهيد بينظير کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻو هو، پر کيس شهيد ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو
ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار نه هجڻ گهرجن، جيترا وڌيڪ اختيار هوندا اوتري ڪرپشن وڌندي:شبر زيدي
23 – مئي – 2026 – ڇنڇر • ايڊيٽر

ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار نه هجڻ گهرجن، جيترا وڌيڪ اختيار هوندا اوتري ڪرپشن وڌندي:شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران هو سخت دٻاءَ ۾ هئا ۽ جيڪي سڌارا آڻڻ چاهيندا هئا، اهي مڪمل نه ٿي سگهيا۔ميڊيا سان ڳالهائيندي شبر زيدي ٻڌايو ته هن پراپرٽي ويليويشن ٽيبلز ۾ تبديليون،

وڌيڪ پڙهو
ملڪ ۾ 1153 عدالتون غير فعال آهن: جسٽس اينڊ لا ڪميشن
23 – مئي – 2026 – ڇنڇر • ايڊيٽر

ملڪ ۾ 1153 عدالتون غير فعال آهن: جسٽس اينڊ لا ڪميشن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)لا اينڊ جسٽس ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ماتحت عدليه جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. دستاويزن موجب ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 20 لک کان وڌي ويو آهي. دستاويز ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي ضلعي عدليه ۾ 1153 عدالتون جج جي غير مقرري سبب غير فعال آهن. پنجاب ۾ 808، سنڌ ۾ 89،

وڌيڪ پڙهو
ڊيل بابت ”هاڪاري اشارا موجود آهن“پاڪستاني اختياريون اڄ تهران جو دورو ڪنديون: مارڪو روبيو
22 – مئي – 2026 – جمعو • ايڊيٽر

ڊيل بابت ”هاڪاري اشارا موجود آهن“پاڪستاني اختياريون اڄ تهران جو دورو ڪنديون: مارڪو روبيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جي سلسلي ۾ ”ڪجهه هاڪاري اشارا“ موجود آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستاني اختياريون اڄ تهران جو دورو ڪنديون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهي سان پيش رفت ۾ مدد ملندي

وڌيڪ پڙهو
سنڌ ۾ سياسي تبديلي بابت نئين بحث جي شروعات
21 – مئي – 2026 – خميس • ايڊيٽر

سنڌ ۾ سياسي تبديلي بابت نئين بحث جي شروعات

سنڌ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديليءَ بابت بحث زور وٺي رهيو آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران، روايتي سياسي ڍانچن، ڪارڪردگيءَ بابت سوالن ۽ عوامي اميدن جي وچ ۾ وڌندڙ فرق، هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي جتي تبديليءَ جو مطالبو صرف نعرو نه رهيو آهي، پر هڪ سنجيده سماجي ۽ سياسي بحث ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

وڌيڪ پڙهو