مکيہ مواد ڏانھن وڃو
سنڌ پريس · ڪيٽيگوري

ادب

2شايع ٿيل خبرون
دردَ لکندڙ شاعر مُبين اُڄڻ جي دانهن
23 – مئي – 2026 – ڇنڇر • ايڊيٽر

دردَ لکندڙ شاعر مُبين اُڄڻ جي دانهن

مبين اُڄڻ هڪ اهڙو انسان آهي، جيڪو رُڳو نالو ناهي، پر دردن، جدوجهدن، لفظن ۽ مزاحمتن جي زندهه تاريخ آهي. جنهن پَنهنجي سَڄي زندگي قلم کي هٿيار بڻايو، ڪتابن کي ساٿي بڻايو، ۽ شعور جي ڏيئن سان سماج جي اونداهين کي چيرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو ھڪ شاعر آهي، ھڪ اديب آهي ۽ جاکوڙي ڪردار به آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت کهڙا شاخ جهڙي فڪري واٽ جو بُنياد وجهندڙ به آهي. ويهن کان وڌيڪَ ڪتابن جو مرتب، جنهن جي لفظن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو، انسانيت جو درد ۽ سچ جي تپش سمايل آهي. سندس نثري نظم جو ڪتاب به ڇپيل آهي جيڪو صرف ڪتاب ناهي، پر زخمي دلين جي ترجماني آهي. پر هِن بي حس سماج ۽ ناانصاف نظام کي شايد قلم سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به قبول ناهن رهيا.

وڌيڪ پڙهو
ادب، ٻولي ۽ سماج: نئين دور جا چئلينج
21 – مئي – 2026 – خميس • ايڊيٽر

ادب، ٻولي ۽ سماج: نئين دور جا چئلينج

اڄ جو دور تيزيءَ سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، گلوبلائيزيشن ۽ سماجي ميڊيا جو دور آهي، جتي ادب، ٻولي ۽ سماج پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رکندي به نون چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. خاص طور تي سنڌي سماج ۾، جتي ٻولي ۽ ادب صدين کان سڃاڻپ جو بنياد رهيا آهن، اتي جديد دور جون تبديليون هڪ طرف موقعا پيدا ڪن ٿيون ته ٻي طرف خطرا پڻ جنم وٺن ٿا.

وڌيڪ پڙهو