مکيہ مواد ڏانھن وڃو
مکيہ صفحو › خاص رپورٽ › هاڻي وڪيل برادريءَ سان تعلق رکندڙ عورتن کي بہ ”پنڪ اسڪوٽي“ مفت ڏني ويندي. شرجيل انعام

هاڻي وڪيل برادريءَ سان تعلق رکندڙ عورتن کي بہ ”پنڪ اسڪوٽي“ مفت ڏني ويندي. شرجيل انعام

خاص رپورٽ ✍ 📅 23 – مئي – 2026 – ڇنڇر ⏱ 1 منٽ پڙهڻ 👁 90 ڀيرا ڏٺو ويو

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ منشيات جي ناسور خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري آهي ۽ زهر پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سنڌ حڪومت جو ترت ايڪشن ساراهڻ جوڳو آهي، هن واضح ڪيو ته ڌرتيءَ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.
حيدرآباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ”انمول‘ نالي عورت جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سماج ۾ زهر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي قانون حرڪت ۾ آيو.
هن چيو ته صوبائي حڪومت جتي هڪ طرف ڏوهن ۽ منشيات خلاف وڙهي رهي آهي، اتي ٻئي پاسي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تاريخي قدم کڻي رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي بنا معاوضي اسڪوٽي، تربيت ۽ ڊرائيونگ لائسنس فراهم ڪري رهي آهي ۽ اِها ورڇ نج ميرٽ جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته هاڻي وڪيل برادريءَ سان تعلق رکندڙ عورتن کي به ”پنڪ اسڪوٽي“ مفت ڏني ويندي، جڏهن ته عورتن لاءِ ڌار پنڪ بسون اڳ ئي ڪاميابيءَ سان هلايون پيون وڃن.
صوبائي وزير توانائي ۽ انفراسٽرڪچر تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ سستي بجلي جي پيداوار رڳو ٿر جي ڪوئلي سان ئي ممڪن آهي ۽ سنڌ سرڪار ان جهڙا سڀ وڏا ۽ عوامي فلاحي منصوبا ڪاميابيءَ سان شروع ڪيا آهن، جن جي دائري کي هاڻي سڄي صوبي تائين ڦهلايو پيو وڃي.

ايڊيٽر

هن ليکڪ بابت معلومات جلد شامل ڪئي ويندي.

هن ليکڪ جا وڌيڪ مضمون